مرقس 3:22-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ بعل⁠زبول آھي ۽ انھيءَ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ئي ھو ڀوتن کي ماڻھن مان ڪڍي ٿو.“

23. تنھن تي عيسيٰ ماڻھن کي پاڻ وٽ گھرائي ڪي مثال ٻڌايا تہ ”شيطان، ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟

24. جيڪڏھن ڪنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوندو تہ اُھا جٽاءُ ڪري نہ سگھندي

25. ۽ جيڪڏھن ڪنھن گھر ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اھو گھر بہ ھلي نہ سگھندو.

26. سو جيڪڏھن شيطان پاڻ پنھنجي خلاف ٿي بيھندو ۽ ڏڦيڙ وجھندو تہ بيھي نہ سگھندو ۽ تباھہ ٿي ويندو.

27. ڪوبہ ماڻھو ايستائين طاقتور شخص جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت ڦُري نہ سگھندو، جيستائين پھريائين اُن طاقتور شخص کي نہ ٻَڌندو ۽ تنھن کان پوءِ ئي ھن جو گھر ڦريندو.

28. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ماڻھن جيڪي ⁠بہ گناھہ ڪيا ھوندا ۽ ڪفر جون ڳالھيون بڪيون ھوندائون، سي سڀ کين بخش ٿي سگھن ٿيون،

29. پر پاڪ روح جي خلاف جيڪو بہ ڪفر بڪندو، تنھن کي ڪڏھن بہ بخش نہ ڪيو ويندو، اٽلندو اھو ابدي گناھہ جو ڏوھاري ٿيندو.“

30. عيسيٰ اھو انھيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”ھن ۾ ڀوت آھي.“

31. ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پھتا ۽ ٻاھر بيھي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائون.

32. جيڪي ميڙ عيسيٰ جي چوگرد ويٺا ھئا تن کيس ٻڌايو تہ ”ڏسو، اوھان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاھر بيٺا اوھان کي سڏين ٿا.“

33. ھن پڇيو تہ ”منھنجي ماءُ ۽ ڀائر ڪير آھن؟“

مرقس 3