مرقس 3:13-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. عيسيٰ ھڪڙي جابلو علائقي ۾ ويو ۽ انھن ماڻھن کي گھرايائين جن کي ھو چاھي پيو ۽ اھي وٽس آيا.

14. پوءِ ٻارھن ڄڻا چونڊيائين جن کي رسول ڪري بہ ڪوٺيائين. انھن کي چيائين تہ ”مون اوھان کي انھيءَ ڪري چونڊيو آھي تہ اوھين مون سان گڏ رھو. آءٌ اوھان کي ٻاھر بہ تبليغ ڪرڻ لاءِ موڪليندس،

15. ۽ اوھان کي ماڻھن مان ڀوتن ڪڍڻ جي اختياري بہ ڏيندس.“

16. عيسيٰ جيڪي ٻارھن ڄڻا چونڊيا اُھي ھي ھئا: شمعون، جنھن کي ”پطرس“ نالو بہ ڏنائين،

17. زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بونرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،

18. اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قوم⁠پرست،

19. ۽ يھوداہ اسڪريوتي، جنھن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو ھوس.

20. پوءِ عيسيٰ گھر آيو. اتي وري بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي واندڪائي بہ نہ ملي.

21. جڏھن سندس مائٽن اھو ٻڌو تڏھن ھو کيس ھٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو سمجھن پيا تہ ”عيسيٰ ديوانو آھي.“

22. ڪي شريعت جا عالم جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، تن پئي چيو تہ ”عيسيٰ ۾ بعل⁠زبول آھي ۽ انھيءَ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ئي ھو ڀوتن کي ماڻھن مان ڪڍي ٿو.“

مرقس 3