20. پر ڪو وقت ايندو جڏھن گھوٽ انھن کان جدا ڪيو ويندو تہ پوءِ ان وقت ھو بہ روزا رکندا.
21. ڪوبہ ماڻھو پراڻي پھراڻ کي نئين چتي نہ ٿو ھڻي، پر جيڪڏھن ائين ڪندو تہ نئين چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.
22. ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري، جيڪڏھن ائين ڪندو تہ مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تازي مئي نون ساندارن ۾ ڀربي آھي.“
23. ھڪڙي سبت جي ڏينھن عيسيٰ اَنَ جي ٻنين مان لنگھي رھيو ھو. جيئن تہ شاگرد ساڻس گڏ ھلن پيا سو اھي اَنَ جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.
24. تنھن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوھان جا شاگرد اھو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينھن تي جائز نہ آھي؟“