مرقس 14:55-65 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

55. سردار ڪاھنن ۽ سڄي ڪائونسل ڪوشش پئي ڪئي تہ عيسيٰ خلاف ڪا شاھدي ملين تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين، پرکين ڪابہ شاھدي ملي نہ سگھي.

56. ڪيترن ئي شاھدن عيسيٰ جي خلاف شاھديون ڏنيون، پر اھي ڪوڙيون ثابت ٿيون.

57. پوءِ ڪي ماڻھو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي ھيءَ تھمت ھنيائون تہ

58. ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“

59. پر اُھي شاھديون بہ پاڻ ۾ نہ ٿي مليون.

60. تڏھن وڏو سردار ڪاھن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو عيسيٰ کان پڇڻ لڳو تہ ”ڇا تو کي ھنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو آھي؟“

61. پر عيسيٰ ماٺ ۾ رھيو ۽ ھڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاھن کانئس ٻيھر پڇيو تہ ”ڇا تون مسيح، سڳوري خدا جو فرزند آھين؟“

62. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو، آءٌ آھيان ۽ اوھين ابن⁠آدم کي خدا تعاليٰ جي ساڄي پاسي ويٺل ۽ آسماني ڪڪرن ۾ ايندي ڏسندا.“

63. تڏھن وري سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي.

64. اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا، ھاڻي اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي؟“ تنھن تي انھن سڀني اھا راءِ ڏني تہ ”عيسيٰ کي موت جي سزا ڏني وڃي.“

65. انھن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون ھڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا ھڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنھن تو کي ڌڪ ھنيو؟“ پھريدارن کيس چماٽون بہ ھنيون.

مرقس 14