مرقس 14:1-7 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. فصح ۽ بي⁠خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينھن کان پوءِ اچڻي ھئي. سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرايون.

2. پر چيائون تہ ”عيد جي ڏينھن ائين نہ ڪريون، متان ماڻھن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“

3. عيسيٰ جڏھن بيت⁠عنياہ ۾ ڪوڙھہ جھڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ ھڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي ھاريائين.

4. تڏھن اتي ويٺلن مان ڪي پنھنجي دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”ھن عطر جي زيان ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟

5. اھو ٽي ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

6. تنھن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”ھن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. ھن منھنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آھي.

7. غريب تہ اوھان وٽ ھميشہ آھن، سو جڏھن بہ اوھان جي مرضي ٿئي تڏھن انھن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوھان سان ھميشہ نہ ھوندس.

مرقس 14