5. مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انھن ھن کي ماري وڌو، پوءِ ھن ٻين ڪيترن ئي کي موڪليو، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون.
6. باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو ھوس. تنھن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانھن موڪليائين، جو پڪ ھيس تہ ھو انھيءَ جي عزت ڪندا.
7. پر انھن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’ھي مالڪ جو وارث آھي، اچو تہ ھن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ ملڪيت ئي اسان جي ٿي پوندي.‘
8. پوءِ انھن ھن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاھران اڇلائي ڇڏيائون.“
9. تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”پوءِ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ ھو پاڻ ايندو ۽ اچي ھنن کي ناس ڪندو ۽ انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪندو.
10. ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.
11. اھو خدا جي طرفان ڪيو ويو،۽ اھا اسان لاءِ ڪھڙي نہ عجب جھڙي ڳالھہ آھي.‘“
12. يھودين جي اڳواڻن عيسيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻتہ اھي ڄاڻن پيا تہ ھي مثال عيسيٰ انھن جي خلاف ٻڌايو ھو. پر انھن کي ماڻھن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنھنڪري ھو کيس ڇڏي ھليا ويا.
13. ڪي فريسي ۽ ڪي ھيروديس جي پارٽيءَ جا ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا ويا تہ کيس ڳالھائڻ ۾ ڦاسائين.
14. اُھي ھن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ ڪنھن جي پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اسان کي ٻڌايو تہ قيصر کي محصول ڏيڻ اسان لاءِ جائز آھي يا نہ؟ اسين اُن کي محصول ڏيون يا نہ؟“
15. عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“
16. اھي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏھن عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“
17. تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪي قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“ اھو ٻڌي انھن کي عيسيٰ تي ڏاڍو عجب لڳو.