مرقس 12:19-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

19. ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ فرمايو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو زال ڇڏي ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اُھا رن⁠زال پرڻجي، تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.

20. ڪي ست ڀائر ھئا، پھرين شادي ڪئي ۽ ري⁠اولاد مري ويو.

21. تڏھن ٻئي ان جي رن⁠زال سان شادي ڪئي ۽ اھو بہ ري⁠اولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي.

22. اھڙيءَ طرح ست ئي ري⁠اولاد مري ويا ۽ آخرڪار اُھا عورت بہ مري ويئي.

23. ھاڻي ٻڌايو تہ جڏھن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيئرا ٿي اٿندا تہ اُھا عورت ڪنھن جي زال ٿيندي، ڇالاءِ⁠جو ستن ئي ھن سان شادي ڪئي ھئي؟“

24. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ڪيترا نہ ڀليل آھيو، جو نہ اوھين پاڪ لکتون ٿا ڄاڻو ۽ نڪي خدا جي قدرت.

25. ڇالاءِ⁠جو جڏھن مري ويل جيئرا ٿيندا تڏھن اُھي نہ پرڻبا ۽ نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آھن تيئن اھي بہ ھوندا.

26. مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟

27. ان جو مطلب آھي تہ ھو مئلن جو خدا نہ پر جيئرن جو خدا آھي. پر اوھين سخت ڀليل آھيو.“

مرقس 12