مرقس 10:6-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

6. پر دنيا جي خلقت کان وٺي خدا ھنن کي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو آھي.

7. ’تنھنڪري مرد پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو،

8. ۽ ٻہ جسم گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘ پوءِ اھي ٻہ نہ، پر ھڪ آھن.

9. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“

10. پوءِ جڏھن ھو گھر موٽي آيا تہ شاگردن عيسيٰ کان ان بابت پڇيو.

11. عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻھو پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، تنھن ڄڻ زنا ڪئي،

12. ۽ اھڙيءَ طرح جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان طلاق وٺي ڪنھن ٻئي سان پرڻجي ٿي، تنھن زال بہ ڄڻ زنا ڪئي.“

13. ڪن ماڻھن ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ آندا تہ ھو انھن تي ھٿ رکي، پر شاگردن انھن کي ڇينڀيو.

14. جڏھن عيسيٰ اھو ڏٺو تہ ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انھن کي نہ جھليو، ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.

15. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاھت کي ھڪ ننڍي ٻار وانگر قبول نہ ڪندو، تيستائين اھو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“

16. پوءِ ٻارن کي ھنج ۾ کڻي انھن جي مٿان ھٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين.

17. عيسيٰ جڏھن رستي سان ويو پئي تہ ھڪڙو ماڻھو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس آڏو گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“

18. عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آھي.

19. تو کي تہ حڪمن جي خبر آھي تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي، ٺڳي نہ ڪر ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ جي عزت ڪر.“

20. تنھن تي انھيءَ ماڻھوءَ جواب ڏنو تہ ”استاد! انھن حڪمن تي تہ آءٌ ننڍي ھوندي کان ئي وٺي عمل ڪندو ٿو رھان.“

21. عيسيٰ ھن کي چتائي ڏٺو ۽ ساڻس پيار ڪيو ۽ چيائين تہ ”تو ۾ اڃا ھڪڙي شيءِ جي گھٽتائي آھي. وڃ ۽ وڃي پنھنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو. پوءِ اچ ۽ منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“

مرقس 10