مرقس 10:50-52 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

50. تڏھن ھو پنھنجو ڪپڙو اتي ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ عيسيٰ وٽ آيو.

51. عيسيٰ پڇيس تہ ”تون ڇا ٿو چاھين تہ آءٌ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟“ انڌي وراڻيو تہ ”اي سائين! آءٌ چاھيان ٿو تہ مون کي وري ديد ملي.“

52. عيسيٰ چيس تہ ”وڃ، تنھنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آھي.“ تڏھن ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ عيسيٰ جي پٺيان رستو وٺي ھليو.

مرقس 10