33. سڄو شھر دروازي تي اچي مڙيو.
34. عيسيٰ ڪيترن ئي مرضن جي بيمارن کي شفا ڏني ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. ھن ڀوتن کي ڳالھائڻ جي اجازت ئي نہ ڏني، ڇالاءِجو اھي عيسيٰ کي سڃاڻن پيا تہ ھو ڪير آھي.
35. صبح جو سوير بلڪل انڌاري ۾ ئي عيسيٰ اٿي ٻاھر نڪري ويو ۽ ھڪڙي نويڪليءَ جاءِ تي وڃي دعا گھريائين.
36. شمعون ۽ سندس ساٿي عيسيٰ کي ڳوليندا رھيا
37. ۽ جڏھن ھن کي ڏٺائون تہ کيس چيائون تہ ”ھر ڪو اوھان کي ڳولي رھيو آھي.“
38. پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ھلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شھرن ۾ ھلون، جيئن اتي بہ آءٌ تبليغ ڪريان، ڇوتہ انھيءَ ئي سبب ڪري آءٌ آيو آھيان.“
39. پوءِ ھو سڄي گليل جي عبادتخانن ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ لڳو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
40. ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو ھڪڙو ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويھي کيس نيزاري ڪري چيائين تہ ”جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
41. عيسيٰ کي ھن تي ڪھل آئي، سو پنھنجو ھٿ ڊگھيري کيس لاتائين ۽ چيائينس تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون پاڪ صاف ٿيءُ.“
42. تڏھن ھڪدم ھن کان ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو ۽ ھو ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو.
43. عيسيٰ سختيءَ سان تاڪيد ڪري روانو ڪيس تہ
44. ”متان ڪنھن کي ٻڌايو اٿيئي، پر سڌو وڃي ڪاھنن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج تہ جيئن انھن آڏو ثابتي ٿئي تہ تون ڇٽي ويو آھين.“