مرقس 1:3-21 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

3. انھيءَ ئي شخص جو ذڪر ٿيل آھي تہ”رڻ⁠پٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ’خداوند لاءِ رستو تيار ڪريو،ھن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“

4. تنھنڪري ئي تہ يحيٰ رڻ⁠پٽ ۾ ظاھر ٿيو ھو. ھو ماڻھن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ تبليغ ڪري پيو تہ ”پنھنجن گناھن کان توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ خدا اوھان جا گناھہ بخشي ڇڏي.“

5. يروشلم شھر بلڪ يھوداہ علائقي جا تمام گھڻا ماڻھو نڪري يوحنا وٽ آيا. انھن پنھنجا گناھہ باسيا ۽ يحيٰ کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.

6. يحيٰ کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پيل ھوندا ھئا ۽ چيلھہ تي چم جو پٽو ٻڌل ھوندو ھوس. ھو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو ھو.

7. يحيٰ ماڻھن ۾ منادي ڪندو ھو تہ ”منھنجي پٺيان ھڪ اھڙو ٿو اچي جو مون کان بہ وڌيڪ قدرت وارو آھي. آءٌ انھيءَ لائق بہ نہ آھيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪھيون کوليان.

8. آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر اھو اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.“

9. انھن ڏينھن ۾ عيسيٰ گليل جي شھر ناصرت کان يحيٰ وٽ آيو ۽ يحيٰ کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.

10. جيئن ئي عيسيٰ پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتو تہ کيس آسمان کليل نظر آيو ۽ پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لھندو ڏٺائين.

11. تڏھن آسمان مان ھڪ آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آھيان.“

12. پوءِ جلد ئي پاڪ روح عيسيٰ کي بيابان ۾ وٺي ويو،

13. جتي شيطان کيس چاليھن ڏينھن تائين آزمائيندو رھيو. عيسيٰ جھنگلي جانورن سان گڏ ھو پر ملائڪن سندس سنڀال پئي ڪئي.

14. يحيٰ جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ عيسيٰ گليل ۾ آيو ۽ خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ لڳو تہ

15. ”وقت اچي ڀريو آھي ۽ خدا جي بادشاھت ويجھي آئي آھي، سو توبھہ ڪريو ۽ خدا جي خوشخبريءَ تي ايمان آڻيو.“

16. جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رھيو ھو تہ کيس ٻہ مھاڻا، شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا.

17. تنھن تي عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اچو ۽ منھنجي پٺيان ھلو تہ آءٌ اوھان کي ماڻھو ڦاسائڻ سيکاريان.“

18. سو ھو ھڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان ھلڻ لڳا.

19. ٿورو اڳڀرو ھليو تہ ھن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو.

20. عيسيٰ انھن کي سڏيو تہ ھنن پنھنجي پيءُ کي ٻيڙيءَ ۾ مزورن سان ڇڏي ڏنو ۽ عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳا.

21. پوءِ ھو ڪفرناحوم شھر ۾ آيا ۽ عيسيٰ سبت جي ڏينھن تي عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو.

مرقس 1