26. ھن واقعي جي خبر انھيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويئي.
27. جڏھن عيسيٰ ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻھو سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چيائونس تہ ”اي ابن دائود! اسان تي ڪو رحم ڪريو.“
28. پوءِ عيسيٰ ھڪ گھر ۾ آيو تہ اھي انڌا بہ وٽس آيا ۽ ھن پڇين تہ ”ڇا اوھان کي يقين آھي تہ ھي ڪم آءٌ ڪري سگھان ٿو؟“ تنھن تي انھن جواب ڏنو تہ ”ھائو سائين.“
29. عيسيٰ انھن جي اکين کي ھٿ لاتو ۽ چيائين تہ ”ائين ئي ٿئي جيئن توھان جو ايمان آھي.“
30. تڏھن انھن جي ديد موٽي آئي. پوءِ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيائين تہ ”متان اھا ڳالھہ ڪنھن کي ٻڌايو.“
31. پر انھن وڃي علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ عيسيٰ جون ڳالھيون پکيڙي ڇڏيون.
32. جيئن ئي اھي ٻيئي ٻاھر نڪرن پيا تہ ڪي ماڻھو ھڪ اھڙو شخص عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالھائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻتہ ان ۾ ھڪ ڀوت ھو.
33. جڏھن ڀوت کي ڪڍيو ويو تہ ماڻھوءَ ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل ۾ اسان اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آھي.“
34. پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”ھو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻھن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“
35. پوءِ عيسيٰ چوطرف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گھمندو رھيو. اُتي ھو سندن عبادتخانن ۾ ماڻھن کي تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ھر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رھيو.
36. ھن جڏھن ميڙ ڏٺا تہ سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻتہ ھو ائين ڏکويل ۽ بيسھارا ھئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ ھجن.
37. تنھنڪري پنھنجن شاگردن کي چيائين تہ ”فصل تہ ڏاڍو ڀلو ٿيو آھي پر ان کي لڻندڙ ٿورا آھن.
38. تنھنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ لاباري لاءِ ماڻھو ڏياري موڪلي.“