متي 9:2-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

2. ڪن ماڻھن وٽس ھڪ اڌرنگي جي بيماريءَ وارو ماڻھو کٽولي تي کڻي آندو. عيسيٰ ڏٺو تہ ھنن جو ڪيڏو نہ ايمان آھي! سو اڌرنگي واري کي چيائين تہ ”پٽ، دلجاءِ ڪر، تنھنجا گناھہ بخشجي ويا.“

3. تنھن تي ڪي شريعت جا عالم سوچڻ لڳا تہ ”ھي ماڻھو تہ ڪفر ٿو بڪي.“

4. عيسيٰ سمجھي ويو تہ ھو ڇا سوچي رھيا آھن، سو کين چيائين تہ ”اوھين اھڙيون خراب ڳالھيون ڇو ٿا سوچيو؟

5. ڇا اھو سولو آھي جو ھن ماڻھوءَ کي چئجي تہ ’تنھنجا گناھہ بخشجي ويا،‘ يا کيس چئجي تہ ’اٿ ۽ گھم ڦر‘؟

6. پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ ماڻھن جي گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو اڌرنگي واري ماڻھوءَ کي چيائين تہ ”اٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

7. اھو ماڻھو اٿيو ۽ گھر ڏانھن روانو ٿيو.

8. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا تہ انسان کي ھن ڪيڏي نہ طاقت ڏني آھي!

9. عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان ھلندي ھن متيءَ نالي ھڪ شخص کي پنھنجي محصولي اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ ھن کي سڏي چيو تہ ”منھنجي پٺيان ھل.“ تنھن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان ھلڻ لڳو.

10. پوءِ جڏھن عيسيٰ پنھنجي شاگردن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ دسترخوان تي ويٺي کاڌو، تڏھن ڪيئي محصول اڳاڙيندڙ ۽ گنھگار آيا، جيڪي عيسيٰ ۽ سندس شاگردن سان گڏ کائڻ ويٺا.

11. فريسين جڏھن اھا ڳالھہ ڏٺي تہ انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو استاد محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

متي 9