1. جڏھن عيسيٰ ٽڪر تان ھيٺ لٿو تہ وڏا ميڙ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا.
2. ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“
3. تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.
4. پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“
5. جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ
6. ”سائين! منھنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آھي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سھي.“
7. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ گھر ھلي ھن کي چڱو ڀلو ڪندس.“