متي 8:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. جڏھن عيسيٰ ٽڪر تان ھيٺ لٿو تہ وڏا ميڙ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا.

2. ايتري ۾ ھڪڙو ڪوڙھہ جھڙي مرض وارو عيسيٰ وٽ آيو، جنھن کيس سجدو ڪري چيو تہ ”اي سائين! جيڪڏھن اوھين چاھيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪري سگھو ٿا.“

3. تنھن تي عيسيٰ پنھنجو ھٿ ڊگھيريو ۽ کيس لائيندي چيائين تہ ”آءٌ چاھيان ٿو تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏھن ھڪدم ھن جو ڪوڙھہ جھڙو مرض لھي ويو.

4. پوءِ عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”ٻڌ، متان ڪنھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائين. پر سڌو وڃي ڪاھن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنھنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن ھر ڪنھن لاءِ شاھدي ٿئي تہ تون ھاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آھين.“

5. جڏھن عيسيٰ ڪفرناحوم ۾ داخل ٿيو تہ وٽس ھڪ فوجي صوبيدار آيو ۽ منٿ ڪري چيائينس تہ

6. ”سائين! منھنجو نوڪر اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ گھر ۾ پيو آھي ۽ ڏاڍا عذاب پيو سھي.“

7. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ گھر ھلي ھن کي چڱو ڀلو ڪندس.“

8. تڏھن فوجي صوبيدار عرض ڪيو تہ ”سائين! آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو. رڳو حڪم ڪريو تہ منھنجو نوڪر خوش ٿي پوندو.

9. آءٌ ٻين جو زيردست آھيان ۽ منھنجي ھيٺان بہ سپاھي آھن. جيڪڏھن ڪنھن کي چوان ’وڃ،‘ تہ ھو ويندو ۽ ڪنھن کي چوان ’اچ،‘ تہ ھو ايندو ۽ جي نوڪر کي چوان تہ ’ھي ڪم ڪر،‘ تہ ھو ڪندو.“

10. عيسيٰ اھو ٻڌي ھن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي سندس پٺيان آيا پئي تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ مون کي ھن جھڙو ايمان بني اسرائيل ۾ ڪنھن ۾ بہ نظر نہ آيو.

11. آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ ڪيترائي اڀرندي ۽ الھندي کان ايندا ۽ آسمان واري بادشاھت ۾ ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب سان اچي دسترخوان تي گڏ ويھندا.

متي 8