6. پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.
7. اوھين پنھنجي دعا ۾ اجايا گھڻا لفظ ڪم نہ آڻيو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آھن، ڇوتہ ھو سمجھن ٿا تہ انھن جون ڊگھيون دعائون گھرڻ ڪري خدا سندن ٻڌندو.
8. سو انھن وانگر نہ ٿيو، ڇالاءِجو اوھان جو پيءُ اوھان جي گھرڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻي ٿو تہ اوھان کي ڇا گھرجي.
9. تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين،شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،
10. ۽ تنھنجي بادشاھت اچي.تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي،تيئن زمين تي بہ ٿئي.
11. اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.
12. اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر،جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.
13. اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ،پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
14. ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.
15. پر جيڪڏھن اوھين ماڻھن جا ڏوھہ نہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان جا ڏوھہ ڪين بخشيندو.“
16. ”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِجو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي.
17. پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،