40. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.
41. جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.
42. جيڪو تو کان ڪا شيءِ گھري تہ اھا کيس ڏي ۽ جيڪو تو کان اڌارو وٺي تنھن کي انڪار نہ ڪر.“
43. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’پنھنجن دوستن سان پيار ڪر ۽ پنھنجن دشمنن کان نفرت ڪر.‘
44. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،
45. تہ جيئن اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي تنھن جا اوھين ٻار ٿيو. ڇالاءِجو ھو نيڪن ۽ بڇڙن تي پنھنجو سج ھڪجھڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن ۽ ڪوڙن ٻنھي تي ھڪجھڙو مينھن وسائي ٿو.