متي 5:21-41 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني جي ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو تہ ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.‘

22. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.

23. تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي،

24. تہ پنھنجو نذرانو اتي قربان⁠گاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ.

25. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين.

26. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

27. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’زنا نہ ڪر.‘

28. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو ماڻھو ڪنھن عورت ڏانھن بري نگاھہ سان ٿو ڏسي سو پنھنجيءَ دل ۾ ان عورت سان زنا ڪري چڪو.

29. جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.

30. جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“

31. ”اھو بہ چيو ويو ھو تہ ’جيڪوبہ پنھنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انھيءَ کي طلاق⁠نامو بہ لکي ڏئي.‘

32. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪوبہ پنھنجي زال کي زنا جي ڏوھہ کان سواءِ ڪنھن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو ڄڻ تہ ھن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ جيڪو انھيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“

33. ”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘

34. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ. اوھين نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ⁠جو اھو خدا جو تخت آھي

35. ۽ نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھا خدا جي پيرن جي صندلي آھي. اوھين نڪي يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو وڏي بادشاھہ جو شھر آھي

36. ۽ نڪي وري پنھنجي سر جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين ھڪ وار بہ ڪارو يا اڇو ڪري نہ ٿا سگھو.

37. پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“

38. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘

39. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.

40. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تنھنجو پھراڻ وٺڻ لاءِ تو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ گھري تہ ان کي پنھنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ.

41. جيڪو تو کي بيگر ۾ ھڪ ڪلوميٽر وٺي وڃي، تنھن سان تون ٻہ ڪلوميٽر وڃ.

متي 5