متي 5:21-26 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

21. ”اوھان ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني جي ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’خون نہ ڪريو‘ ۽ ’جيڪو خون ڪندو تہ ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.‘

22. پر ھاڻي آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان ڪاوڙيل رھي ٿو سو بہ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪو ڪنھن ٻئي کي ’اي چريا!‘ ڪري سڏي ٿو، سو وڏيءَ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪو ڪنھن کي چوندو تہ ’اي ڀوڪ!‘ سو جھنم جي باھہ ۾ پوڻ جوڳو ٿيندو.

23. تنھنڪري جيڪڏھن تون پنھنجو نذرانو قربان⁠گاھہ تي آڻي چاڙھين ۽ اتي ياد پويئي تہ تنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جو تو ڏانھن ڪو رنج آھي،

24. تہ پنھنجو نذرانو اتي قربان⁠گاھہ جي اڳيان ڇڏي پھريائين وڃي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي پرچاءِ، پوءِ اچي پنھنجو نذرانو چاڙھہ.

25. جيڪڏھن ڪو ماڻھو تو تي ڪيس ڪري ۽ تو کي ڪورٽ ۾ وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي ان سان ٺاھہ ڪري ڇڏ، متان اھو فريادي تو کي جج جي حوالي ڪري ۽ جج تو کي سپاھيءَ جي حوالي ڪري ۽ تون جيل ۾ وڌو وڃين.

26. آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين تون ڏنڊ جي پائي پائي نہ ڏيندين تيستائين ڪنھن بہ طرح اتان نڪري نہ سگھندين.“

متي 5