1. جڏھن عيسيٰ ميڙ ڏٺا تہ ھو ٽڪر تي چڙھي ويو ۽ شاگرد سندس چوڌاري مڙي آيا.
2. ھو انھن کي ويھي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ چيائين تہ
3. ”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن،ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
4. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.
5. سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو.
6. سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن،ڇالاءِجو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
7. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا،ڇالاءِجو خدا انھن تي رحم ڪندو.
8. سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن،ڇالاءِجو اھي خدا کي ڏسندا.
9. سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا،ڇالاءِجو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.