72. پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“
73. ٿوري وقت کان پوءِ جيڪي اتي بيٺا ھئا تن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”تون ضرور انھن مان ھڪڙو آھين، ڇالاءِجو جھڙي نموني تون ڳالھائين ٿو سو ٻڌائي ٿو تہ تون انھن مان آھين.“
74. تنھن تي پطرس لعنت وجھندي چيو تہ ”خدا جو مون تي غضب پوي جيڪڏھن آءٌ سچ نہ ٿو ڳالھايان، ڇوتہ آءٌ ان ماڻھوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ انھيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني