متي 26:46-56 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

46. اٿو، ھلو ۽ ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رھيو آھي سو ويجھو اچي پھتو آھي.“

47. اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.

48. دغاباز انھن کي اھا نشاني سمجھائي ھئي تہ ’جنھن ماڻھوءَ کي آءٌ چميان تہ اھو عيسيٰ ھوندو ۽ کيس پڪڙجو.‘

49. ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اي سائين! سلام.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين.

50. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ميان، جنھن ڪم لاءِ آيو آھين سو جلدي ڪر.“ پوءِ ھنن اچي عيسيٰ کي ٻڌو ۽ قابو ڪيائونس.

51. تنھن تي عيسيٰ جي ساٿين مان ھڪڙي سٽ ڏيئي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاھن جي نوڪر کي ھنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين.

52. تڏھن عيسيٰ انھيءَ کي چيو تہ ”پنھنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ جيڪي⁠بہ تلوار ڪڍن ٿا سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا.

53. تو کي خبر نہ آھي ڇا تہ آءٌ پنھنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ ھو ھينئر ئي منھنجي مدد لاءِ ٻارھن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟

54. پر انھيءَ صورت ۾ پاڪ لکت ڪيئن پوري ٿيندي جا لکيل آھي تہ ھيئن ضرور ٿيندو؟“

55. پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.

56. پر اھو سڀ ڪجھہ انھيءَ لاءِ ٿيو آھي تہ جيئن نبي جيڪو صحيفي ۾ لکي ويا آھن، سو سچو ثابت ٿئي.“ پوءِ سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.

متي 26