متي 26:20-31 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

20. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.

21. ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“

22. شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“

23. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو.

24. ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“

25. دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“

26. جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“

27. پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو،

28. اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو.

29. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“

30. پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.

31. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘

متي 26