19. شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو ھو ۽ عيد فصح تيار ڪيائون.
20. جڏھن شام ٿي تہ عيسيٰ پنھنجن ٻارھن شاگردن سميت دسترخوان تي اچي ويٺو.
21. ماني کائيندي عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اوھان مان ھڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“
22. شاگرد ويچارا ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ ھڪٻئي پٺيان عيسيٰ کان پڇڻ لڳا تہ ”خداوند، اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“
23. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”اُھو جنھن پنھنجو گرھہ مون سان گڏ ٿالھيءَ مان ٻوڙيو سو ئي مون کي پڪڙائيندو.
24. ابنآدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابنآدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“
25. دغاباز يھوداہ ڳالھايو ۽ پڇيائين تہ ”اي سائين! اھو آءٌ تہ نہ آھيان؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ائين تہ تون پاڻ ٿو چوين.“
26. جڏھن ھو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، ھي منھنجو بدن آھي.“
27. پوءِ ھن پيالو کڻي شڪر ڪري انھن کي ڏيندي چيو تہ ”اوھين سڀيئي ھن مان پيئو،
28. اھو منھنجو رت آھي، جيڪو گھڻن ئي جي گناھن جي معافيءَ لاءِ وھائجي ٿو ۽ جنھن سان خدا جو عھد ٻڌجي ٿو.
29. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“
30. پوءِ انھن زبور پڙھيو ۽ زيتون جي ٽڪر ڏانھن ھليا ويا.
31. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اڄ رات اوھين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، ڇاڪاڻتہ لکيل آھي تہ ’خدا ريڍار کي ماريندو ۽ رڍون ٽڙي پکڙجي وينديون.‘
32. تنھن ھوندي بہ آءٌ پنھنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن ويندس.“
33. تنھن تي پطرس ڳالھايو ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوھان کي ڇڏي وڃن، پر آءٌ اوھان کي ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ويندس.“
34. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا منھنجو انڪار ڪندين.“
35. پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني شاگردن بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
36. پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن سان گڏجي گٿسيمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پھچي ھن کين چيو تہ ”اوھين ھتي ويھي رھو تہ آءٌ ھُتي وڃي دعا گھران.“
37. ھن پطرس ۽ زبديءَ جي ٻن پٽن کي پاڻ سان کنيو ۽ ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو.