39. جيستائين طوفان آيو ۽ انھن سڀني ماڻھن کي لوڙھي نہ ڇڏيائين، تيستائين انھن کي ڪابہ خبر ڪانہ ھئي. ابنآدم جي بادشاھت جو اچڻ بہ اھڙيءَ طرح ئي ٿيندو.
40. انھيءَ وقت ٻنيءَ ۾ ٻہ ماڻھو ھوندا تہ ھڪڙو کنيو ويندو ۽ ٻئي کي ڇڏيو ويندو.
41. جيڪڏھن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيھنديون ھونديون تہ ھڪڙي کنئين ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.
42. تنھن ڪري اوھين سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻتہ اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڪھڙي ڏينھن اوھان جو خداوند ايندو.