32. تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوھان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو ھو تنھن کي وڃي پورو ڪريو.
33. اي نانگو ۽ نانگن جا ٻچؤ! اوھين جھنم جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟
34. تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادتخانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.
35. انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربانگاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.
36. آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ انھن سڀني جو خون ھن زماني جي ماڻھن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“