19. مون کي ھڪڙو سڪو ڏيکاريو جنھن سان محصول ڏيندا آھيو.“ اھي وٽس ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا.
20. تنھن تي عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“
21. انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“ تڏھن عيسيٰ کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آھي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آھي سو خدا کي ڏيو.“
22. جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ عجب ۾ پئجي ويا ۽ ھن کي ڇڏي اتان ھليا ويا.
23. انھيءَ ساڳئي ڏينھن تي ڪي صدوقي جن جو عقيدو آھي تہ موت کان پوءِ ماڻھو وري جيئرا نہ ٿيندا، سي عيسيٰ وٽ آيا
24. ۽ چيائونس تہ ”استاد! موسيٰ چيو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو رياولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اھا رنزال پرڻجي تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.
25. اسان ۾ ھڪڙا ست ڀائر ھئا. پھرين ڀاءُ شادي ڪئي پر رياولاد مري ويو، تنھنڪري ھن جي زال ٻيو ڀاءُ پرڻيو.
26. اھڙيءَ طرح اھا عورت ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي.
27. انھن سڀني کان پوءِ اھا عورت بہ مري ويئي.