12. تنھن تي انھيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان، تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ ھتي ڪيئن آيو آھين؟‘ پر ھن ڪڇيو ئي ڪين.
13. تڏھن بادشاھہ نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’ھن جا ھٿ پير ٻڌي ٻاھر اونداھيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي ھو رڙيون ڪري ۽ ڏند ڪرٽي.‘“
14. مسيح آخر ۾ چيو تہ ”ڇالاءِجو دعوتي تہ گھڻا ھوندا آھن پر چونڊيل ٿورا ھوندا آھن.“
15. فريسين وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ”ڪھڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالھائڻ ۾ ڦاسايون.“