1. ”آسمان واري بادشاھت ڪنھن گھر جي مالڪ مثل آھي، جيڪو صبح جو سوير انھيءَ لاءِ ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزور بيھاري.
2. ھنن سان روز جي مزوري ھڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنھنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.
3. پھر کن گذرڻ کان پوءِ ھو بازار ويو ۽ ڏٺائين تہ اُتي ٻيا مزور بہ واندا بيٺا آھن.
4. انھن کي چيائين تہ ’اوھين بہ انگورن جي باغ ۾ وڃي ڪم ڪريو ۽ جيڪو حق ھوندو سو آءٌ اوھان کي ڏيندس،‘
5. تڏھن اھي بہ ويا. پوءِ ٻہ پھر گذريا تہ ھو وري ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور ڪيائين. ٽي پھر گذريا تہ وري بہ ويو ۽ ساڳيءَ طرح مزور موڪليائين.
6. ھو وري چوٿين پھر بازار ويو ۽ وري بہ ائين ئي ماڻھن کي واندو بيٺل ڏٺائين ۽ کانئن پڇيائين تہ ’اوھين ھتي سڄو ڏينھن ڇو واندا بيٺا آھيو؟‘