متي 2:11-15 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

11. ھو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻارڙي کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ ان کي گوڏا کوڙي سجدو ڪيائون. پوءِ انھن پنھنجون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ ھيون.

12. خدا انھن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري ھيروديس وٽ ويا آھيو.“ تنھنڪري اُھي ٻيو رستو وٺي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويا.

13. جڏھن اُھي ھليا ويا تہ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنھن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانھن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رھجانءِ، ڇوتہ ھيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“

14. تنھن تي ھو اُٿيو، ٻار ۽ سندس ماءُ کي ساڻ ڪري راتورات مصر ڏانھن ھليو ويو.

15. ھيروديس جي مرڻ تائين ھو اُتي ئي رھيا، انھيءَ لاءِ تہ خداوند نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنھنجي فرزند کي مصر مان گھرايو آھي.“

متي 2