6. پوءِ اھي ٻہ نہ پر ھڪ آھن. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“
7. تڏھن انھن فريسين کانئس پڇيو تہ ”پوءِ موسيٰ ڇو حڪم ڪيو تہ مرد پنھنجي زال کي طلاق نامو ڏيئي کيس ڪڍي سگھي ٿو؟“
8. عيسيٰ وراڻيو تہ ”موسيٰ اوھان جي سختدليءَ ڪري اوھان کي اجازت ڏني تہ اوھين زال کي طلاق ڏيئي سگھو ٿا، پر شروعات ۾ ائين نہ ھو.
9. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“
10. تنھن تي سندس شاگردن کيس چيو تہ ”جيڪڏھن زال مڙس جو اھو حال آھي تہ پوءِ پرڻجڻ ئي چڱو نہ آھي.“
11. عيسيٰ وراڻيو تہ ”سڀ ماڻھو اھا ڳالھہ قبول ڪري نہ سگھندا، رڳو اھي ئي قبول ڪندا جن کي خدا کان اھڙي طاقت مليل ھوندي.
12. ڇالاءِجو ڪي سبب آھن جو ماڻھو شادي نہ ٿا ڪن. جيئن تہ ڪي ڄمندي ئي کدڙا آھن، ڪن کي ماڻھن کدڙو ڪيو آھي ۽ ڪي آسمان واري بادشاھت جي لاءِ کدڙا ٿيا آھن. جيڪو اھا ڳالھہ قبول ڪري سگھي سو ڀلي قبول ڪري.“
13. ڪي ماڻھو عيسيٰ وٽ پنھنجا ننڍڙا ٻار کڻي آيا تہ جيئن عيسيٰ پنھنجا ھٿ انھن تي رکي کين دعا ڪري، پر شاگردن انھن ماڻھن کي ڇينڀيو.
14. عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“
15. عيسيٰ انھن تي پنھنجا ھٿ رکيا. پوءِ ھو اتان روانو ٿي ويو.
16. ھڪ دفعي ھڪ ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪھڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“
17. عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“