16. ھڪ دفعي ھڪ ماڻھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ پڇيائينس تہ ”اي استاد! آءٌ ڪھڙو چڱو ڪم ڪريان جو دائمي زندگي ملي؟“
17. عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“
18. ھن پڇيو تہ ”ڪھڙا حڪم؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاھدي نہ ڏي،
19. پنھنجي ماءُپيءُ جي عزت ڪر ۽ پنھنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جھڙو پيار ڪر.“
20. تنھن تي جوان مرد جواب ڏنو تہ ”مون انھن سڀني تي عمل ڪيو آھي. باقي ٻيا ڪھڙا رھيل آھن؟“
21. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
22. جڏھن جوان مرد اھا ڳالھہ ٻڌي تہ غمگين ٿي ھليو ويو، ڇاڪاڻتہ ھو ھڪ وڏو شاھوڪار ماڻھو ھو.
23. پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ شاھوڪار ماڻھو آسمان واري بادشاھت ۾ ڏاڍي مشڪلات سان داخل ٿيندو.
24. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“
25. جڏھن شاگردن اھو ٻڌو تہ ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ چيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“
26. عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“
27. تنھن تي پطرس چيو تہ ”ڏسو، اسين سڀ ڪجھہ ڇڏي اوھان جي پٺيان لڳا آھيون، اسان کي ڇا ملندو؟“