متي 18:29-33 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

29. ھن جي ساٿيءَ پيرن تي ڪري کيس ليلائي چيو تہ ’مون کي مھلت ڏي، آءٌ تو کي قرض واپس ڪندس.‘

30. پر ھن سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي ۽ جيل ۾ وجھرايائينس جيستائين ھو قرض ادا نہ ڪري.

31. جڏھن ان جي ساٿي نوڪرن ھي ڏٺو تہ کين ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اچي سارو احوال پنھنجي مالڪ کي ٻڌايائون.

32. تنھن تي مالڪ ان نوڪر کي گھرائي چيو تہ ’اي بڇڙا نوڪر! مون تو کي پنھنجو سمورو قرض بخشي ڇڏيو، ڇاڪاڻ⁠تہ تو مون کي منٿون ڪيون ھيون.

33. ڇا تو کي بہ اھڙيءَ طرح پنھنجي ساٿي نوڪر تي رحم ڪرڻ نہ کپندو ھو جيئن مون تو تي ڪيو؟‘

متي 18