متي 18:17-27 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

17. جيڪڏھن ھو انھن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏھن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ ھن کي غير قوم ۽ محصول اڳاڙيندڙن مان ڪري سمجھو.“

18. ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي منع ڪندا تنھن جي بھشت ۾ بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنھن ڳالھہ جي اوھين ھن زمين تي اجازت ڏيندا تنھن جي بھشت ۾ بہ اجازت ڏني ويندي.

19. آءٌ اوھان کي اھو بہ ٻڌايان ٿو تہ جڏھن اوھان مان ڪي ⁠بہ ٻہ گڏجي ھن زمين تي ڪنھن شيءِ لاءِ دعا گھرن ٿا تہ منھنجو آسمان وارو پيءُ اوھان لاءِ اھو ڪم ڪندو.

20. ڇالاءِ⁠جو جتي بہ ٻہ يا ٽي منھنجي نالي تي اچي گڏ ٿين ٿا تہ آءٌ بہ اُتي انھن سان شامل آھيان.“

21. پوءِ پطرس عيسيٰ وٽ اچي پڇيو تہ ”خداوند، جيڪڏھن منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ منھنجو ڏوھہ ڪندو رھي تہ آءٌ کيس ڪيترا دفعا بخشي ڇڏيان؟ ڇا ست دفعا بخشي ڇڏيانس؟“

22. عيسيٰ وراڻيو تہ ”ست دفعا تہ آءٌ ڪونہ ٿو چوان، پر ستھتر دفعا.

23. ڇاڪاڻ⁠تہ آسمان واري بادشاھت ھڪ بادشاھہ وانگر آھي، جنھن پنھنجن نوڪرن کان حساب ڪتاب وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

24. جڏھن حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو تہ وٽس ھڪ اھڙو ماڻھو آندو ويو جنھن ڏانھن ھن جا ڪروڙين چانديءَ جا سڪا قرض ھئا.

25. پر ان نوڪر وٽ ايترو پيسو ڪونہ ھو جو کڻي قرض لاھي، تنھنڪري سندس مالڪ حڪم ڏنو تہ ’ھن کي، سندس زال ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آھي تنھن کي بہ وڪڻي قرض جي ادائگي ڪئي وڃي.‘

26. نوڪر پنھنجي مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ عرض ڪيائينس تہ ’مون کي مھلت ڏيو. آءٌ اوھان جو سمورو قرض ادا ڪندس.‘

27. مالڪ کي ھن تي رحم اچي ويو سو کيس آزاد ڪري سندس سمورو قرض بخشي ڇڏيائين.

متي 18