1. انھيءَ مھل شاگرد عيسيٰ وٽ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آھي؟“
2. تنھن تي عيسيٰ ھڪ ٻار کي سڏي انھن جي سامھون بيھاري
3. چيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين اوھين بدلجي ٻارن وانگر نہ ٿيندا، تيستائين آسمان واري بادشاھت ۾ ڪڏھن بہ داخل ٿي نہ سگھندا.
4. آسمان واري بادشاھت ۾ سڀ کان وڏو اُھو آھي جيڪو پاڻ کي ھن ٻار وانگر نماڻو ۽ نھٺو ٿو ڪري،