13. جڏھن عيسيٰ کي اھا خبر پيئي تہ اڪيلو ئي ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھي نويڪلي جڳھہ ڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن ماڻھن اھا ڳالھہ ٻڌي تہ پنھنجا شھر ڇڏي پيرين پيادا ھن جي پٺيان ھليا.
14. جڏھن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ ھن ھڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انھن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.
15. جڏھن شام ٿي تہ سندس شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آھي ۽ ھتي اسين سڃي ھنڌ ۾ آھيون. سو ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ ڀل ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃي پنھنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“
16. تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانھي. اوھين ئي انھن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“
17. انھن چيو تہ ”اسان وٽ ڪل پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آھن.“
18. عيسيٰ چيو تہ ”اھي مون وٽ کڻي اچو.“
19. ھن ماڻھن کي بہ چيو تہ ”گاھہ تي ويھي رھو.“ پوءِ ھن پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آسمان ڏانھن نھاريو ۽ انھن ۾ برڪت گھريائين ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، جيڪي اھي ماڻھن کي ڏيندا ويا.
20. سڀني کائي ڍءُ ڪيو. پوءِ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان شاگردن ٻارھن کاريون ڀري کنيون.
21. جن ماڻھن کاڌو تن جو تعداد عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج ھزار کن ھو.
22. تڏھن عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوھين ڍنڍ جي ھُن ڀر وڃو.“ پوءِ ماڻھن کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏيائين.
23. ماڻھن جي موڪلائڻ کان پوءِ پاڻ ٽڪر تي دعا گھرڻ ويو. شام تائين ھو اتي اڪيلو ئي رھيو.
24. انھيءَ مھل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي ھئي ۽ ڇولين جي لوڏن ۾ اچي ويئي ھئي، ڇالاءِجو واءُ ان جي سامھون ھو.
25. رات جي پوئين پھر ۾ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انھن وٽ آيو.