متي 13:13-22 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

13. آءٌ انھن سان مثالن ۾ انھيءَ ڪري ڳالھايان ٿو ⁠جو اھي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي.

14. اھڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چوايو ھو سو سچو ثابت ٿيو تہ’اوھين ٻڌندا تہ سھي پر سمجھندا ڪين،اوھين نھاريندا تہ سھي پر ڏسندا ڪين.

15. ڇالاءِ⁠جو ھن قوم جي عقل کي تالو لڳايو ويو آھي،اُھي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آھن،۽ انھن پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون آھن.انھيءَ لاءِ تہ متان اُھي پنھنجين اکين سان ڏسن،پنھنجن ڪنن سان ٻڌن،۽ پوءِ پنھنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبھہ⁠تائب ٿين،۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘

16. پر سڀاڳا آھيو اوھين جو اوھان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوھان جا ڪن ٻڌن ٿا.

17. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪيترن نبين ۽ نيڪن جي اھا خواھش ھئي تہ جيڪي اوھين ڏسو ٿا سو ھو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوھين ٻڌو ٿا سو ھو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“

18. ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ واري جي مثال جو مطلب سمجھو.

19. اُھي جيڪي بادشاھت جو ڪلام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انھيءَ رستي مثل آھن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انھن جي دل مان اُھي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

20. ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنھن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.

21. پر اھو ڪلام انھن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو ھڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنھنڪري جڏھن ڪلام جي ڪري ڪا مصيبت يا تڪليف اچين ٿي تہ اھي جلدي ڦري وڃن ٿا.

22. ڪانڊيرا جن ۾ داڻا ڪريا تن مثل اُھي آھن جيڪي ڪلام تہ ٻڌن ٿا پر ھن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب ڪلام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انھن ۾ ڦر نہ ٿو پچي.

متي 13