متي 10:8-23 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

8. بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارن کي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻھن مان ڀوت ڪڍجو. اوھان کي مفت ۾ مليو آھي تنھنڪري اوھين بہ مفت ۾ ڏجو.

9. کيسي ۾ پاڻ سان سون، چانديءَ يا ٽامي جو ڪوبہ سڪو نہ کڻجو،

10. سفر ۾ پاڻ سان نہ ٻاچڪو کڻجو، نڪي ٻہ ٻہ پھراڻ يا بوٽ ۽ نہ وري لٺ کڻجو، ڇالاءِ⁠جو مزور کي جيڪي گھربو سو کيس ملندو.

11. جڏھن اوھين ڪنھن شھر يا ڳوٺ ۾ وڃو تہ جاچ ڪجو تہ اھڙو ڪو آھي جو اوھان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوھين وٽس ايستائين ٽڪجو جيستائين اُن شھر مان روانا نہ ٿيو.

12. جڏھن ڪنھن گھر ۾ وڃو تہ سلام ڪجو.

13. جيڪڏھن گھر جي مالڪن سلام وراڻيو تہ اوھان جو سلام مٿن رھندو، پر جيڪڏھن نہ ورائيندا تہ اوھان جو سلام اوھان ڏانھن موٽي ايندو.

14. جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو.

15. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ آخرت جي ڏينھن اھو شھر سدوم ۽ عموراہ جي شھرن کان وڌيڪ ڀوڳيندو.“

16. ”ڏسو، آءٌ اوھان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنھنڪري اوھين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي⁠ضرر ٿجو.

17. پر انھن ماڻھن کان ھوشيار ٿجو، ڇالاءِ⁠جو اھي اوھان کي گرفتار ڪري ڪورٽن جي حوالي ڪندا ۽ پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ اوھان کي چھبڪ ھڻندا.

18. اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.

19. پر جڏھن ھو اوھان کي گرفتار ڪرائين تڏھن اھا ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوھان کي ڪھڙو جواب ڏيڻو آھي. جيڪي اوھان کي چوڻو ھوندو سو انھيءَ مھل پاڻھي اوھان کي ٻڌايو ويندو،

20. ڇالاءِ⁠جو جيڪي لفظ اوھين ڳالھائيندا سي اوھان جا نہ ھوندا پر اوھان جي پيءُ جو روح اوھان جي وسيلي ڳالھائيندو.

21. ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو، پيءُ پنھنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو ۽ ٻار پنھنجي ماءُ⁠پيءُ کان ڦري ويندا ۽ ھنن کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا.

22. منھنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوھان کي ڌڪاريندو، پر اوھان مان جيڪو توڙ تائين نڀائيندو سو ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.

23. جڏھن اُھي اوھان کي ڪنھن شھر ۾ ستائين تہ اوھين ھڪدم ٻئي شھر ڏانھن ھليا وڃجو. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ اوھين سڄي اسرائيل جي شھرن ۾ پنھنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابن⁠آدم اچي پھچندو.

متي 10