26. ”تنھنڪري انھن کان نہ ڊڄو. ڇالاءِجو اھڙي ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ اھڙي ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.
27. جو ھينئر آءٌ اوھان کي اونداھيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوھين روز روشن ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوھين سسپس ۾ ٻڌو ٿا اھو وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪارجو.
28. انھن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو جسم کي مارين ٿا پر روح کي نہ ٿا ماري سگھن. تنھنڪري خدا کان ڊڄو، جيڪو ٻنھي يعني جسم ۽ روح کي ماري جھنم ۾ وجھي سگھي ٿو.
29. اوھين ھڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون تہ خريد ڪري سگھو ٿا، پر انھن مان ھڪڙي بہ اوھان جي پيءُ جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪري.
30. اوھان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آھن.
31. سو اوھان کي ڊڄڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻتہ اوھان جي قيمت ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ آھي.“
32. ”جيڪو مون کي ماڻھن جي اڳيان پڌري پٽ قبوليندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول ڪندس.
33. پر جيڪو ماڻھن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنھن کي آءٌ بہ پنھنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
34. ”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي.
35. ڇالاءِجو منھنجي اچڻ ڪري پٽ پيءُ جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماءُ جي خلاف ۽ نُنھن سس جي خلاف ٿيندي،
36. ۽ ماڻھوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.
37. جيڪو مون کان وڌيڪ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان پيار ڪري ٿو، سو منھنجي لائق نہ آھي ۽ جيڪو پنھنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو سو بہ منھنجي لائق نہ آھي.
38. جيڪو پنھنجو صليب کڻي منھنجي پٺيان نہ ٿو ھلي، سو منھنجي لائق نہ آھي.
39. جيڪو پنھنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اُھا وڃائيندو ۽ جيڪو منھنجي لاءِ پنھنجي جان وڃائيندو سو اُھا حاصل ڪندو.“