متي 1:23-25 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

23. ”ڏسو، ھڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي،۽ کيس پٽ ڄمندو جنھن کي عمانوايل سڏيندا،“ جنھن جي معنيٰ آھي ”خدا اسان سان.“

24. سو جڏھن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏھن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو ھوس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان ئي شادي ڪيائين.

25. پر جيستائين مريم پٽ نہ ڄڻيو تيستائين يوسف کيس ھٿ بہ نہ لاتو ۽ ٻار جو نالو عيسيٰ رکيائين.

متي 1