لوقا 9:51-59 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

51. جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.

52. پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.

53. پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو.

54. تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“

55. پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو

56. ۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.

57. جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“

58. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابن⁠آدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“

59. عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“

لوقا 9