50. پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻتہ جيڪو اوھان جي خلاف نہ آھي اھو اوھان جي پاسي آھي.“
51. جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.
52. پاڻ کان اڳ ۾ قاصد موڪليائين. اھي روانا ٿي ھڪڙي سامري ڳوٺ ۾ آيا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ ھر شيءِ جو انتظام ڪن.
53. پر اتان جي ماڻھن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻتہ سندس رخ يروشلم ڏانھن ھو.
54. تڏھن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا ھي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تہ اسين آسمان مان باھہ کي حڪم ڪريون تہ ھنن کي اچي ناس ڪري.“
55. پر عيسيٰ ڦري ھنن کي ڇينڀيو
56. ۽ پوءِ ھو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويا.
57. جيئن ھو واٽ وٺيو پئي ويا تہ ھڪڙي ماڻھوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانھن اوھين ويندا، اوڏانھن آءٌ بہ اوھان جي پٺيان ھلندس.“
58. عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون آھن ۽ پکين کي آکيرا آھن، پر ابنآدم کي اھا جاءِ بہ ڪانھي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“
59. عيسيٰ ٻئي کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“ پر ھن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين منھنجو پيءُ دفن ٿئي.“
60. تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻھن کي خدا جي بادشاھت جي خبر ٻڌاءِ.“
61. ھڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوھان جي پٺيان ھلندس، پر پھريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻھن کان موڪلائي اچان.“
62. تنھن تي عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪو پنھنجو ھٿ ھر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نھاري، سو خدا جي بادشاھت جي لائق نہ آھي.“