لوقا 9:31-44 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

31. جن جلال ۾ پئي ڏيکاري ڏني ۽ سندس موت بابت ڳالھايو پئي جو يروشلم ۾ ٿيڻو ھو.

32. ان وقت پطرس ۽ سندس سنگتي اگھور ننڊ ۾ ھئا ۽ جڏھن جاڳيا، تڏھن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻھو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون.

33. جڏھن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏھن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! اسان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو اسين ھتي آھيون، سو ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، ھڪڙو اوھان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس حقيقت ۾ خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ڇا ٿو چوي.

34. اڃا ھن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي ۽ جڏھن اھي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا.

35. ڪڪر مان آواز آيو تہ ”ھيءُ منھنجو چونڊيل فرزند آھي، سو اوھين ھن جي ڌيان سان ٻڌو.“

36. جڏھن اھو آواز آيو تڏھن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالھيون ڏٺيون ھئائون تن مان ڪابہ انھيءَ وقت ڪنھن سان بہ نہ ڪيائون.

37. ٻئي ڏينھن تي ھو جبل تان لٿا تہ وڏو ميڙ اچي عيسيٰ سان گڏيو.

38. ھڪ ماڻھوءَ ميڙ مان رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منھنجي پٽ کي ھلي ڏسو، ڇوتہ اھو منھنجو سڪيلڌو آھي.

39. ھن کي ھڪڙو ڀوت اچي ٿو وٺي، جنھن ڪري اوچتو وٺيو رڙيون ڪري. اھو اھڙو ٿو گھٽيس جو گڦ پئي وھيس ۽ چچريو ڇڏيس. پوءِ مس مس ٿو منجھانئس نڪري.

40. مون اوھان جي شاگردن کي بہ عرض ڪري چيو تہ ’ان کي ڪڍو،‘ پر اھي ڪڍي نہ سگھيا.“

41. تنھن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بي⁠يقين ۽ گمراھہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوھان سان ھوندس ۽ ڪيستائين اوھان جي سھندس؟ پنھنجي پٽ کي ھيڏانھن وٺي اچ.“

42. ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.

43. سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا.جڏھن سڀ ماڻھو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رھيا ھئا، تڏھن ھن پنھنجن شاگردن کي چيو تہ

44. ”ھيءَ ڳالھہ پنھنجي ھينئين سان ھنڊايو تہ ابن⁠آدم ماڻھن جي حوالي ڪيو ويندو.“

لوقا 9