12. جڏھن سج لھڻ تي ٿيو تہ ٻارھن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻھن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي وارن ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ وڃي ٽڪن ۽ کائڻ پيئڻ جو بلو ڪن، ڇاڪاڻتہ اسين ھت سڃي ھنڌ ۾ آھيون.“
13. عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھين کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنھن تي شاگردن چيو تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونھي. باقي جيڪڏھن اوھين چئو تہ اسين ھيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“
14. ڇالاءِجو اھي پنج ھزار کن مرد ھئا. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”ھنن کي پنجاھہ پنجاھہ جي ٽولين ۾ ڪري ويھاريو.“
15. شاگردن ائين ئي ڪيو ۽ سڀني کي ويھاريو.
16. تڏھن پاڻ اھي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانھن نھاري انھن ۾ برڪت گھريائين، پوءِ اھي ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻھن جي اڳيان رکندا وڃن.
17. پوءِ تہ انھن سڀني کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون ٻارھن کاريون ڀري کنيائون.
18. ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“
19. شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ اوھين الياس آھيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوھين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آھيو.“
20. ھن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوھين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آھيان؟“ تنھن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آھين.“
21. تڏھن عيسيٰ شاگردن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ ”اھا ڳالھہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجو.“
22. کين وڌيڪ چيائين تہ ”ابنآدم لاءِ ضروري آھي تہ ھو گھڻيون سختيون سھي ۽ بزرگ، سردار ڪاھن ۽ شريعت جا عالم کيس رد ڪن. ھو ماريو ويندو ۽ ٽئين ڏينھن تي وري جيئرو ٿي اٿندو.“