لوقا 7:22-38 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

22. عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.

23. سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

24. جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻ⁠پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟

25. پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.

26. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.

27. يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘

28. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“

29. سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو.

30. پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو.

31. پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”ھن زماني جي ماڻھن کي آءٌ ڪنھن سان ڀيٽيان تہ اھي ڪنھن وانگر آھن؟

32. اھي تہ انھن ٻارن وانگر آھن، جيڪي بازارن ۾ ويھي ھڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ ’اسان اوھان لاءِ شرناءِ وڄائي پر اوھين نچيا ئي ڪين.‘ ’اسان سوڳ ڪيو پر اوھين رنا ئي ڪين.‘

33. ڇاڪاڻ⁠تہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو نہ ماني کائيندو ۽ نہ مئي پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ھن کي ڀوت آھي.‘

34. پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘

35. پر خدا جي حڪمت سياڻن مان ئي سچي ثابت ٿي ٿئي پيئي.“

36. ان کان پوءِ فريسين مان ھڪڙي عيسيٰ کي عرض ڪيو تہ ”مون وٽ ھلي دعوت کائو.“ تڏھن ھو فريسيءَ جي گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.

37. انھيءَ شھر ۾ ھڪڙي گنھگار عورت رھندي ھئي. تنھن کي جڏھن اھا خبر پيئي تہ عيسيٰ ھڪڙي فريسيءَ جي گھر ماني ويٺو کائي، تڏھن ھوءَ سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ عطر کڻي آئي،

38. ۽ عيسيٰ جي پيرن وٽ پٺيان بيھي پنھنجن ڳوڙھن سان عيسيٰ جا پير آلا ڪيائين ۽ پنھنجن وارن سان انھن کي اُگھيائين ۽ سندس پير چمي انھن تي عطر مکيائين.

لوقا 7