11. ان کان پوءِ عيسيٰ نائين نالي شھر ۾ ويو ۽ ھن سان گڏ شاگرد ۽ ھڪ وڏو ميڙ ھو.
12. جڏھن شھر جي دروازي جي ويجھو پھتو تہ ڏٺائين تہ ماڻھو ھڪڙي مُڙدي کي ٻاھر کنيو پئي ويا. اھو ماءُ جو اڪيلو پٽ ھو، جيڪا رنزال ھئي. شھر جا ڪيترائي ماڻھو ان سان گڏ ھئا.
13. جڏھن خداوند ان رنزال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“
14. پوءِ پاڻ جنازي جي ويجھو اچي مٿس ھٿ رکي ڪانڌين کي بيھاريائين ۽ مُڙدي کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اٿ.“
15. تنھن تي اھو مُڙدو اٿي ويٺو ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماءُ جي حوالي ڪيائين.
16. انھيءَ تي سڀني ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ۽ خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اسان ۾ ھڪڙو وڏو نبي ظاھر ٿيو آھي. خدا پنھنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آھي.“
17. اھا ڳالھہ سڄي يھوديہ ۽ ڀر واري سموري علائقي ۾ چوطرف ھُلي ويئي.
18. اھي سڀ ڳالھيون يحيٰ کي سندس شاگردن وڃي ٻڌايون. تنھن تي يحيٰ پنھنجن شاگردن مان ٻن کي گھرايو.
19. انھن ھٿان خداوند ڏانھن چوائي موڪليائين تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
20. اھي ماڻھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ چيائون تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري اسان کي توھان ڏانھن اھو پڇڻ لاءِ موڪليو آھي تہ جيڪو اچڻ وارو آھي، اھو اوھين آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“
21. انھيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو ڪيائين.
22. عيسيٰ چين تہ ”جيڪي ڪجھہ اوھان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا ھلن ٿا، ڪوڙھہ جھڙي مرض وارا پاڪ صاف ٿين پيا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مُڙدا جيئرا ٿين ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.
23. سڀاڳو آھي اھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“
24. جڏھن يحيٰ جا قاصد موٽي ويا، تڏھن عيسيٰ ميڙن کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوھين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا ھئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪاني کي؟
25. پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.
26. پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا؟ ڇا ھڪ نبيءَ کي؟ ھا تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوھان کي ٻڌايان تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي.
27. يحيٰ اھو آھي جنھن بابت لکيل آھي تہ ’ڏس، آءٌ پنھنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ ھو تنھنجو رستو تو لاءِ تيار ڪري.‘
28. آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪيبہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، انھن ۾ يحيٰ کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ خدا جي بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.“
29. سڀني ماڻھن اھو ٻڌو. جڏھن تہ انھن مان عام ماڻھن ۽ محصول اڳاڙيندڙن يحيٰ کان بپتسما وٺي خدا کي سچار ڪري مڃيو ھو.
30. پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن يحيٰ کان بپتسما نہ وٺندي پنھنجي طرفان خدا جي ارادي کي رد ڪيو.