لوقا 6:18-28 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

18. ھو انھيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالھيون ٻڌن ۽ پنھنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل ھئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون.

19. سڀني ماڻھن اھا ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس ھٿ لايون، ڇالاءِ⁠جو منجھانئس قدرت پئي نڪتي ۽ سڀني کي شفا پئي بخشيائين.

20. عيسيٰ پنھنجي شاگردن ڏانھن نھاري چيو تہ”سڀاڳا آھيو اوھين، جي غريب آھيو،ڇالاءِ⁠جو خدا جي بادشاھت اوھان جي آھي.

21. سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي بکايل آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين ڍاول ٿيندا.سڀاڳا آھيو اوھين، جي ھاڻي روئو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين کلندا.

22. سڀاڳا آھيو اوھين، جڏھن ماڻھو ابن⁠آدم جي ڪري توھان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ ائين بہ چوندا تہ اوھين بڇڙا آھيو.

23. انھيءَ ڏينھن توھين سرھا ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو بھشت ۾ توھان لاءِ وڏو اجر آھي. انھن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اھڙا ئي پير کنيا ھئا.

24. پر مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت دولتمند آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين آرام وٺي چڪا.

25. مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت ڍاول آھيو،ڇالاءِ⁠جو اوھين بکون ڪڍندا.مصيبت آھي توھان لاءِ،جيڪي ھن وقت کلو ٿا،ڇالاءِ⁠جو اوھين ماتم ڪندا ۽ روئندا.

26. مصيبت آھي توھان لاءِ، جڏھن سڀ ماڻھو توھان کي ساراھين ٿا، ڇالاءِ⁠جو انھن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا ھئا.“

27. ”پر اي منھنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ توھان کي ٻڌايان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوھان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو.

28. جيڪي توھان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوھان جي بي⁠عزتي ڪن تن لاءِ دعا گھرو.

لوقا 6