لوقا 6:1-11 عام ٻوليء نئين عهد نامي (SCLNT)

1. عيسيٰ سبت جي ڏينھن پنھنجن شاگردن سان گڏ اَنَ وارين ٻنين مان پئي لنگھيو. سندس شاگرد سنگ پٽي ھٿن سان مھٽي ان کائڻ لڳا.

2. ڪن فريسين کين چيو تہ ”اھو ڪم جيڪو سبت جي ڏينھن جائز نہ آھي سو اوھين ڇو ٿا ڪريو؟“

3. عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”اوھان اھو نہ پڙھيو آھي ڇا تہ جڏھن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي ھئي تہ ھن ڇا ڪيو ھو؟

4. ھو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذر جون مانيون، جيڪي ڪاھنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ آھن سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“

5. عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ابن⁠آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آھي.“

6. ھڪڙي سبت جي ڏينھن تي عيسيٰ عبادت⁠خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي ھڪ ماڻھو ھو جنھن جو ساڄو ھٿ سڪل ھو.

7. ڪي شريعت جا عالم ۽ فريسي انھيءَ موقعي جي تاڙ ۾ ھئا تہ عيسيٰ تي تھمت ھڻجي. انھيءَ لاءِ ھو اھو جانچي رھيا ھئا تہ آيا سبت جي ڏينھن ھو ڪنھن ماڻھوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.

8. عيسيٰ کي انھن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. ھن سڪل ھٿ واري ماڻھوءَ کي چيو تہ ”اُٿي وچ ۾ ٿي بيھہ.“ ھو اٿي اتي اچي بيٺو.

9. پوءِ عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”آءٌ اوھان کان پڇان ٿو تہ سبت جي ڏينھن نيڪي ڪرڻ جائز آھي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنھن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“

10. ھُن چوڌاري نھاري ان ماڻھوءَ کي چيو تہ ”پنھنجو ھٿ ڊگھو ڪر.“ ھن ائين ئي ڪيو تہ سندس ھٿ ٺيڪ ٿي ويو.

11. ھو ڪاوڙ ۾ تپي باھہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

لوقا 6