25. تنھن تي ھڪدم ھو انھن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنھن کٽولي تي پيل ھو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانھن راھي ٿيو.
26. ھو سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ ڀرجي خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”ڪھڙيون نہ عجيب ڳالھيون اسان اڄ ڏٺيون آھن.“
27. ھن کان پوءِ عيسيٰ ٻاھر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ ھڪڙو لاويءَ نالي محصول اڳاڙيندڙ پنھنجي اڏي تي ويٺو آھي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“
28. لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي ھن جي پٺيان ھلڻ لڳو.
29. پوءِ لاويءَ پنھنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنھن ۾ وڏو تعداد محصول اڳاڙيندڙن جو ھو ۽ ٻيا بہ ماڻھو انھن سان گڏ ويٺا ھئا.