23. عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”اوھين ضرور اھا چوڻي مون کي ٻڌائيندا تہ ’ڊاڪٽر، پاڻ کي تہ ڇٽاءِ،‘ ۽ ھيئن بہ چوندا تہ ’ھتي پنھنجي وطن ۾ بہ ائين ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم بابت ٻڌون ٿا.‘“
24. تنھن تي انھن کي چيائين تہ ”سچ پڇو تہ ڪنھن بہ نبيءَ جو پنھنجي وطن ۾ قدر نہ ٿو ٿئي.
25. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جڏھن الياس نبيءَ جي ڏينھن ۾ ساڍا ٽي سال آسمان مان بوند نہ پيئي ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو، تڏھن جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ بہ ڪيتريون ئي رنونزالون ھيون،
26. پر الياس نبيءَ کي پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انھن مان ڪنھن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارفت شھر ۾ رھندڙ ھڪ رنزال وٽ ئي موڪليو ويو.